سڪندر بلوچ

سڪندر بلوچ

سڪندر بلوچ

سڪندر بلوچ: سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر سڪندر بلوچ جو پورو نالـو سـڪـندر خان ولد نٿو خان چانڊيو هو، سندس جنم 15 سيپٽمبر 1940ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ٽنڊي آغا مان، مـئـٽـرڪ نـور محـمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان، بي. اي سٽي آرٽس ڪاليج مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. سڪندر بلوچ پهريان 1960ع ۾ ’حاجي ماڻڪ ڀٽي مــڊل اسڪـول‘ ۾ هـيڊماستر ٿيو، 1962ع ۾ انڊس ٽائمز اخبار ۾ سب ايڊيٽر رهيو، 15 آڪٽوبر 1966ع تي ريڊيو پاڪستان راولپنڊيءَ ۾ پروڊيوسر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي رهيو، پر گھڻو عرصو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ گذاريائين. سڪندر بلوچ 1973ع ۾ سينئر پروڊيوسر، 1988ع ۾ پروگرام مئنيجر ۽ 1994ع ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جنهن عهدي تان سال 2000ع ۾ رٽائر ٿيو. سڪندر بلوچ ريڊيو جي سڀني شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو، موسيقيءَ جي شعبي ۾ رهي رجب علي، الغوزه نواز خميسي خان، مصري خان، الله بچايي کوسي، ظهير احمد وارثي، صادق علي، ثريا حيدرآباديءَ سميت ٻين ڪيترن فنڪارن توڙي فنڪارائن کي متعارف ڪرايائين. نامور فنڪار محمد يوسف جي آواز ۾ قواليءَ واري انداز ۾ سچل سرمست جي ڪافي ’سچا سرور پرين پرور پيارا، يا رسول الله‘ رڪارڊ ڪيائين. هن ڊرامن واري شعبي ۾ رهي سماجي براين بابت ڪيترا ڊراما نشر ڪيا. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي مشتمل هڪ ڊرامو ’واچوڙن جي ووڙ‘ پيش ڪيائين، جنهن ۾ صداڪاري ڪيائين. سڪندر بلوچ پي. ٽي. وي جي مشهور پروگرام ’ڪچهريءَ‘ جي ميزبان سيد صالح محمد شاهه جي وفات بعد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيدڙ پروگرام ’فتح خان جي ڪچهريءَ‘ ۾ بزرگ ڳوٺاڻي جو ڪردار ادا ڪيو. هن پروگرام ۾ ٻهراڙيءَ جا لهجا، محاورا ۽ لفظ استعمال ڪندو هو. سڪندر بلوچ ڪيترا مثالي پروگرام پيش ڪيا، 1975ع ۾ ’نياز اسٽيڊيم حيدرآباد‘ ۾ منعقد ٿيل پهرين ورلڊ ڪپ مئچ سندس ئي پروڊيوس ڪيل هئي. 1988ع ۾ ڪنگ ازلان شاهه انٽرنيشل هاڪي ٽورنامينٽ جي ڪامنٽري ڪرڻ لاءِ کيس ملائيشيا موڪليو ويو. سڪندر بلوچ بزم شهيد داتا جمن شاهه جو ميمبر پڻ هو، هو هڪ بهترين براڊڪاسٽر، همدرد، کلمک، يار ويس، باهمت ۽ سماج سڌارڪ پڻ هو. هن ضلعي بدين جي شهر ڦلڪارا کي ماڊل ٽائون جو درجو ڏياريو، ريڊيو پاڪستان ذريعي ماڊل ٽائون بڻائڻ سبب ڦلڪارا شهر ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ٿيا. ڦلڪارا ماڊل ٽائون بڻائڻ جي اعزاز ۾ سندس نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به شامل ڪيو ويو. کيس بهترين براڊڪاسٽر طور 1980ع ۾ صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو. کيس چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هو. سڪندر بلوچ 16 فبروري 2010ع تي دل جي دوري پوڻ سبب 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي ٽنڊي آغا قبرستان ۾ آهي.


لفظ سڪندر بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.09.15  عيسوي

سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر سڪندر بلوچ جو پورو نالـو سـڪـندر خان ولد نٿو خان چانڊيو هو، سندس جنم 15 سيپٽمبر 1940ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ٿيو.


2010.02.16  عيسوي

سڪندر بلوچ 16 فبروري 2010ع تي دل جي دوري پوڻ سبب 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي ٽنڊي آغا قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بن سومار
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
اقرا عزيز
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
ڀڳت ٽيئون رام
جيڪي ڀاڳناڻي
پيرل شاهه بخاري
اعتزاز احسن
آنند هندوجا
رانجهاڻي عبدالستار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون